ٻري جن ٻاري

ٻري جن ٻاري (ڪتاب ):هي ڪتاب ڪميونسٽ، شاعر ۽ هاري اڳواڻ باقر سنائيءَ جي شخصيت ۽ سندس سياسي، سماجي ۽ علمي خدمتن بابت سندس ساٿين جي مضمونن تي ٻڌل آهي. ڪتاب ۾ هڪ مضمون باقر سنائيءَ جي آتم ڪهاڻي جو ڪجهه حصو آهي. جڏهن ته مختلف سياسي ۽ نظرياتي معاملن تي لکيل سندس ڏهاڪو کن مضمون به شامل آهن. هن ڪتاب مان 1930ع کان اڳتي وارن سالن ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جي سماجي ۽ سياسي حالتن جي ڄاڻ ملي ٿي ۽ اهو پڻ سبق ملي ٿو ته تڏهن هاري ڪارڪن ۽ سماج ۾ تبديلي آڻيندڙ ڪيئن ۽ ڪيڏي جرئت سان ڪم ڪندا هئا. هي ڪتاب جيتوڻيڪ باقر سنائيءَ بابت لکيل آهي، پر ان ۾ هڪ پوري دور ۽ نظرياتي تنظيم جي تاريخ جون جهلڪيون پڻ ملن ٿيون. 152 صفحن تي ٻڌل جُلد ڪچي سان هي ڪتاب بخاري اڪيڊمي، حيدرآباد 2003ع ۾ ڇپايو ۽ ان جي قيمت 60 رپيا ڄاڻايل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو